تفسير سورة يوسف

تفسير سورة يوسف (قلمي ڪتاب ):هن قلمي تفسير ۾ ڪل ورق 182 آهن. هر صفحي تي 11 ۽ 12 سٽون آهن. اُڏوهيءَ کاڌل حاشين ۾ عربي شعر، ڳاڙهيءَ مس ۾ لکيل آهن ۽ تصنيف جو سال 1800ع ڄاڻايل آهي. سورت يوسف (قرآن: 12) جي شرح، نظم ۽ نثر ۾ آهي. هيءَ تصنيف مخدوم عبدالله عرف ميان موريي جي آهي.
ٻئي طرف ميين عبدالله منڌري به ”سورة يوسف“ جو تفسير منظوم لکيو هو. (حوالو: انڊيا آفيس لائبرري) .


هن صفحي کي شيئر ڪريو